ديهه ماڙي

ديـهه مــاڙي (ماڳ): هي هڙاپائي دؤر جو هڪ قديم ماڳ آهي، جيڪو 260 10’ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 680 27’ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، نواز ڏاهري ريلوي اسٽيشن (ضلعي نوابشاهه/ بينظيرآباد) جي ويجهو موجود آهي. ساڳئي نالي سان هڪ پراڻو ماڳ، هن ماڳ کان ٻه ميل پري ملي ٿو.
هن ماڳ جي مٿاڇري تي ڪچين ۽ پڪين سرن جا ڍير پيل آهن، پر دڙي جي چوڌاري هن وقت زرعي زمينون اچي ويون آهن، ڪنهن وقت ۾ هي دڙو وڏو هوندو هو. هن وقت هي دڙو 300x200 فوٽ ماپ جو پنجن فوٽن جي اوچائيءَ ۾ وڃي بچيو آهي. هتان مليل ڳاڙهي تي ڪاري رنگ جو ٺڪر، سوراخ دار ٺڪر، ڍڳي جي مورتي ۽ ٻيون اهڙيون وٿون ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي ماڳ موهن جي دڙي واري دور سان واسطو رکي ٿو.


لفظ ديهه ماڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو